ايل بي او ڊي

ايل.بي او.ڊ ي: سم ۽ زير زمين پاڻيءَ جي سطح گهٽائڻ لاءِ سنڌو درياهه جي متوازي هڪ سم نالو ٺاهيو ويو آهي، جيڪو عالمي بئنڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي مالي مدد سان 1980ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ کوٽايو ويو هو. ان جو مقصد سم واري پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ آهي. ابتدائي ڪاٿي موجب سنڌ جي اڀرندي ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ اٽڪل 2.5 ملين ايڪڙ زرعي زمين کي فائدو پهچڻو هو. پروجيڪٽ جي ترجيح وارا ضلعا نوابشاهه (موجوده بينظير آبادسانگهڙ ۽ ميرپور خاص هئا. اها رٿ 1974ع ۾ شروع ڪئي وئي، پر پوءِ وري اڌ ۾ ڇڏي ويئي. زير زمين کارو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انهن علائقن ۾ کليل سم ناليون کوٽي انهن جو وڏي نالي ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ به شامل هو ته جيئن واٽر ڪورسن مان پاڻي سيمو ڪري زمينن کي خراب نه ڪري. نارا ڪئنال جي ريماڊلنگ، جمڙائو سسٽم جي ٻيهر تعمير ۽ رانٽو ڪئنال جي ذريعي پاڻي پهچائي چوٽياريون ڊيم ٺاهڻ هو ته جيئن آبپاشيءَ لاءِ پاڻي جي رسد کي وڌائي ۽ سڌاري سگهجي. هن پروجيڪٽ جي ڪل لاڳت 366.5 ملين ڊالر هئي. 1997ع ۾ نارا ڪئنال جي ماڊلنگ کي پروجيڪٽ مان خارج ڪيو ويو، ڇو ته عالمي بئنڪ قرض ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. پروجيڪٽ مان جيڪي ڪم خارج ڪيا ويا تن ۾ نيشنل ڊرينيج پروگرام به شامل هو، جيڪو 1998ع ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي گڏيل سيڙپ سان شروع ٿيڻا هئا. جون 2000ع ڌاري 95 سيڪڙو پروجيڪٽ مڪمل ٿي ويو، جڏهن ته 2002ع ۾ سمورو پروجيڪٽ مڪمل ٿيو هو. 1466 ڪلوميٽر ڊگهي مين اسپائنل ڊرين (مکيه وڏو نيڪال) ۽ سرفيس نالين (مٿاڇري وارين نالين) جو ڄار مڪمل ڪيو ويو، رانٽو ڪئنال جي تعمير ۽ چوٽياريون ڊيم جي 55 ڪلوميٽر بندن جي تعمير مڪمل ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.00.00  عيسوي

ايل بي او ڊي ڪئنال، اها رٿ 1974ع ۾ شروع ڪئي وئي ، پر پوءِ وري اڌ ۾ ڇڏي ويئي .



ارضيات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاکپاري ڍنڍ
ٿيٻاٽ ڍنڍ
بوبڪ ڍنڍ
اڙل منڇر واهه
اين ڊبليو ڪئنال
برهمپترا
ڊومڻ واهه
تيراني نئن
تير ڀت
ٽلٽي ڍنڍ
ارضيات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون